ڏوماڻي غارون

ڏوماڻي غارون

ڏوماڻي غارون

ڏوماڻي غارون: هي قديم رهائشي غارون مڪلي قبرستان ۽ پير پٺي جي وچ ۾ ٺٽي سيمينٽ فيڪٽريءَ کان پنج ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ آهن. هتي ڏهاڪو کن غارون آهن، جن مان پنج ڇهه غارون ٺٽي سيمينٽ فيڪٽريءَ جي سرگرمين سبب لٽجي ويون آهن. ٺڪرين جي موجودگي ٻڌائي ٿي ته هتي ماڻهو ضرور رهيا آهن. غارن جي ساخت ٻُڌائي ٿي ته غارون انساني هٿن جون ٺهيل ۽ تهه خانن وانگر آهن. ڏوماڻي غارون ساڍن ٽن کان ستن فٽن تائين ٿلهيون آهن. هي غارون خاص نوعيت جون آهن، جن ۾ سج جي اُس منجهن سڌي پوي ٿي، تنهنڪري غارون روشن رهن ٿيون. هن کي غفائي مندرن وارين غارن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، جتي جوڳين، سنياسين ويهي جوڳ پچايو هوندو. پهرين غار جي ڏاڪڻ اڍائي فٽ ويڪري، ساڍا ست فٽ ڊگهي ۽ 9 فٽ اونهي آهي ۽ ان ۾ ڪل نَوَ ڏاڪا ٺهيل آهن، هر ڏاڪو ڇهه کان اٺ انچ ويڪرو ۽ اٺن کان ساڍا يارهن انچ اوچو آهي. هن غار جي منهن تي لٽ آهي.کوٽائي ٿيل ڪا نه اٿس. ٻي نمبر غار پهرين غار کان 68 فوٽ ڏکڻ ۾ آهي. ان جي ڏاڪڻ پوڻا چار فٽ ويڪري، ساڍا ست فٽ ڊگهي ۽ ساڍا ٽي فٽ اونهي آهي. ان کي چار ڏاڪا آهن. ان غار جي صورتحال به پهرين غار جهڙي آهي، منهن تي لٽ اچڻ جي ڪري بند آهي. کوٽائي ٿيل ڪا نه اٿس. ٽيون نمبر غار پهرين غار کان 65 فٽ اتر اولهه ۾ آهي. چوٿون نمبر غار پهرين نمبر غار کان 75 فٽ اولهه ۾ آهي. پنجون نمبر غار پهرين نمبر غار کان لڳ ڀڳ ٻه سئو فٽ اتر ۾آهي، پويون ٽئين غارون زبون حالت ۾ آهن.


لفظ ڏوماڻي غارونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو